ڊاڪٽر قادر بخش مگسي

ڊاڪٽر قادر بخش مگسي

قادر بخش مگسي ڊاڪٽر

قادر بخش مگسي، ڊاڪٽر: محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر قادر بخش ولد حاجي الهه بخش ’فقير‘ مگسيءَ جو جنم پھرين جنوري 1959ع تي ڳوٺ نانگي شاهه تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، ٽنڊي محمد خان ۽ سعيدپور (تلھار) مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ايم. اي (سنڌي)، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيون. 2009ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ جي نگرانيءَ ۾ ”خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي شاعريءَ“ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ھن عملي زندگيءَ جي شروعات 1979ع ڌاري ھاءِ اسڪول جهرڪ ۾ استاد جي حيثيت سان ڪئي. 1982ع ۾ ايڇ. ايس ٽي ۽ 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو. مئي 2003ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ٻن سالن تائين ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان جو پرنسپال رهيو. 2014ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ٽن سالن تائين ڊگري ڪاليج ضلعي سجاول ۾ پرنسپال طور ذميواريون نڀائڻ کانپوءِ 31 ڊسمبر 2018ع تي رٽائرڊ ٿيو. ھن ٽنڊي محمد خان ۾ ’ڪراڙ پبليڪيشن‘ نالي ھڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن اداري طرفان سندس پھريون ترتيب ڏنل ڪتاب ’ڏوٿي سا ڏورين‘ (1986ع) ۽ پنھنجو شعري مجموعو ’پڙاڏن پٺيان‘ (’حاتم‘ مگسي جي تخلص سان، 1987ع)، ’رهيو روح رباب‘ ۽ ’خانه بدوش روح جي ڪٿا‘ ڇپيا. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾: ترتيبوار ’ڪجلاسر تي شام‘ (سفرنامو، 2014ع)، ’خليفي نبي بخش قاسم جي سرائڪي ٻوليءَ ۾ مثنوي‘ (داستان، سسئي پنھون، 2015ع)، ’خليفي نبي بخش قاسم جي شاعراڻي عظمت‘ (ترتيب، 2015ع)، ’جهروڪن مان جهاتيون‘ (ترتيب، 2021ع)، ’نفيس احساسن جو مصور شاعر خليفو نبي بخش ’قاسم‘ (2022ع)، ’احمد فقير مستان جو ڪلام‘ (تحقيق ۽ ترتيب، 2022ع)، ’رنگريز هڪڙو هو، سو هليو ويو‘ (ترتيب، 2022ع)، ’مون لھه لڳو تن سان‘(ترتيب، 2023ع) ۽ ’کرڙيءَ جي جنگ جا نامور شھيد (تحقيق، 2023ع) شامل آهن. ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، سنڌي ادبي سنگت، شاخ ٽنڊي محمد خان جو سرگرم ڪارڪن آھي ۽ هن وقت ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.01.01  عيسوي

محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر قادر بخش ولد حاجي الهه بخش ’فقير‘ مگسيءَ جو جنم پھرين جنوري 1959ع تي ڳوٺ نانگي شاهه تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طارق خشڪ
خواجه ناظم الدين
ديوان نرمل داس
درويش راڄو ستيو دل
ڄام مهر علي جوکيو
اعظم خان
غلام نبي سمو
بولچند سيتائي
عبدالله خطاط
ابن سينا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون